شهنشاهه هالائي

شهنشاهه هالائي: نامياري شاعر شهنشاهه هالائيءَ جو اصل نالو شفيع محمد هو. هالا شهر جو رهاڪو هجڻ ڪري ’هالائي‘ سڏايائين. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سرڪاري نوڪريءَ سان ڪئي، پر ڪجھه عرصي بعد نوڪري ڇڏي سياست ۾ پير پاتو. ان زماني ۾ ‘خلافت تحريڪ’ ۽ ‘انجمن مولودالنبي’ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڻ ڪيترائي سال هالا ميونسپل جو ڪائونسلر ۽ اسڪول بورڊ جو چيئرمئن به ٿي رهيو. ان دوران هالا ۾ هاءِ اسڪول جي کوٽ کي محسوس ڪندي مشهور ناٽڪ ‘خورشيد’ ٽي راتيون اسٽيج تي منعقد ڪرائي، گڏ ٿيل آمدني هاءِ اسڪول جي قيام لاءِ خرچ ڪري اسڪول قائم ڪيائين.
شهنشاهه هالائيءَ جو ادب سان چاهه مخدوم محمد زمان طالب المولى سان صحبت سبب ٿيو، جنهن جي اثر هيٺ شاعريءَ جو آغاز پڻ ڪيائين. اڪثر ڪري مزاحيه غزل لکندو هو، پاڻ ’انجمن علم ادب هالا‘ ۽ ‘بزم طالب المولى سنڌ’ جو سرگرم ڪارڪن هو. شهنشاهه هالائيءَ 28 ڊسمبر 1975ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو